اسرائيلي فوجين هٿان شهيد ٿيندڙ فلسطيني مظاهرين کي دهشتگرد چوڻ غير مناسب آهي: سرگئي لاروف

news

ماسڪو: خميس 17 مٸي 2018ع: روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته 14 مئي تي اسرائيلي فوجين جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ڪيترن ئي پرامن فلسطيني مظاهرين کي دهشتگرد چوڻ انتهائي غير مناسب آهي.

گذريل ڏينهن گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين نه ٿو رکي ته پرامن ماڻهن سان گڏ مارجي ويل ننڍي عمر جا ٻار دهشتگرد هئا.

اسان کي غزه، اسرائيل سرحد تي فلسطيني مظاهرين ۽ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ٿيندڙ چڪرين جي حوالي سان ڳڻتي آهي.