ٻنهي ٽنگن کان محروم چيني مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽي سر ڪري ورتي

news

کٽمنڊو: خميس 17 مٸي 2018ع: ٻنهي ٽنگن کان محروم چيني ڪوهه پيما مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي سر ڪري ورتي. 69 سالا زيابوئي يو نالي ڪوه پيما 197ع ۾ ايورسٽ جي چوٽي سر ڪندي پنهنجون ٻئي ٽنگون وڃائي ويٺو هو.

زيابوئي يو ٻيو معذور ڪوه پيما آهي، جنهن مائونٽ ايورسٽ سر ڪيو آهي. نيپال مان ايورسٽ سر ڪندڙ پهريون معذور ڪوه پيما بڻجي ويو آهي.

ان کان پهريان اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ آسٽريليا جو ڪوه پيما اسٽيو پلين هو، جيڪو حادثي ۾ معذور ٿيڻ باوجود مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي سر ڪئي هئي.

چيني ڪوهه پيما 1975ع ۾ ايورسٽ سر ڪرڻ ويجهو هئي ته بدقسمتي کيس گهيري ورتو ۽ هڪ زبردست طوفان کيس گهيري ورتو، ان صورتحال ۾ زويابوئي بهادري جو مظاهرو ڪندي پنهنجو بسترو پنهنجي بيمار ساٿي جي حوالي ڪيو، ان دوران سخت موسم ۾ فراسٽ بائٽ جي بيماري سندس ٽنگن تي حملي آور ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون هيون.