ڊوين براوو جي گاني تي ڀارتي ڪرڪيٽر ڌوني جي ڌيءَ زيوا جهومڻ لڳي

news

ممبئي: خميس 17 مٸي 2018ع: ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽر ڊوين براوو جي خوبصورت آواز جي جادو مهندر سنگهه ڌوني جي ڌيءَ زيوا کي جهومڻ تي مجبور ڪري ورتو.

ميڊيا رپورٽن موجب آءِ پي ايل کيڏڻ ۾ مصروف ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر جو معروف گانو چئمپين هي جيڪو 2016ع ۾ منظرعام تي آيو هو، جنهن کي انٽرنيٽ تي ڪافي پذيرائي ملي هئي.

ويڊيو ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني، بيٽسمين سريش رائنا سميت ٻين ڪرڪيٽرن جي ٻارن ڊيرن برائو جي گاني چئمپين تي جهومي اٿيا ۽ ڊانس ڪئي، مهندر سنگهه ڌوني جي ڌي زيوا کي ويڊيو ۾ واضح طور تي ڏٺو ويو.

گاني چئمپين ۽ ٻارڙي جي ڊانس جي ويڊيو انٽرنيٽ تي ڌوم مچائي ڇڏي، ان ويڊيو کي ڪجهه ڏينهن پهريان ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيو.