حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو

news

 حيدرآباد: خميس 17 مئي 2018ع: پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ملازمن گذريل 5 سالن کان ساليانو وڌايل پگهارون ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف راحيلا شيخ، شبنم، عابده الله بخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي پبلڪ اسڪول جي ملازمن چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاران ملازمن جي هر سال پگهارن ۾ ٿيندڙ اضافي جي مد ۾ پبلڪ اسڪول انتظاميا ملازمن کي محروم رکيو آهي، پبلڪ اسڪول جي ملازمن کي سرڪار پاران اعلانيل سالانه وڌايل پگهارون گذريل 5 سالن کان نه ٿيون ڏنيون وڃن جڏهن ته ماهوار پگهارون مقرر وقت تي نه ٿيون ملن. هنن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب اسڪول جي استادن توڙي ملازمن جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو آهي.

هنن چيو ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد گذريل ڪيتري عرصي کان بنا پرنسپال جي هلي رهيو آهي پر ان باوجود اسڪول جا استاد ۽ عملو اسڪول جي نظام کي بهتر نموني هلائي رهيا آهن. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن ۽ عملي سان پگهارن ۽ ٻين سرڪاري سهولتن جي مد ۾ ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.