ٽنڊوڄام: خميس 17 مئي 2018ع: زرعي تحقيق سنڌ جي ملازمن پاران فوتي ڪوٽا تحت آرڊر جاري ڪرڻ، ٽائيم اسڪيل، ڊي پي سي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ زور وٺي ويئي آهي، احتجاجي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ احتجاجي ريلي ڪڍي ڊائريڪٽر جنرل آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب ڊائريڪٽر جنرل سيڪريٽريٽ، ڊائريڪٽر سيڪريٽريٽ، اينٽامالاجي، پيٿالاجي، پلانٽ پروٽيڪشن ڪمند، ڦٽي، تيلي ٻجن جي شعبن سميت سمورين آفيس، تجربيگاهن ۽ تجرباتي پلانٽن ۾ ڪار ونهنوار ٺپ ٿي ويو.
ملازمن جي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملازم اڳواڻن شريف ڪاٺيو، علي روشن چنا، محبوب خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته انتظاميه فوتي ڪوٽا سميت ملازمن جا جائز مسئلا ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي جنهن ڪري مجبور ٿي ڪري احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻو پيو آهي، 9 ڏينهن تائين مسلسل احتجاج باوجود ڊائريڪٽر جنرل سميت ڪوبه انتظاميه عملدار لڙي به نه آيو آهي. جڏهن ته انتظاميه مسئلا حل ڪرڻ بدران ڏوراهن علائقن ۾ بدلي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي.
هنن سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ اعليٰ اختيارين اپيل ڪئي آهي، ته نوٽيس وٺي سندن مسئلا حل ڪيا وڃن. ٻئي طرف احتجاجي ڌرڻي دوران شديد گرمي سبب ٻه ملازمن نور احمد جمالي ۽ محمد بخش سولنگي جي حالت خراب ٿي ويئي، جن کي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو.