ماڪوڙي جي شڪل واري نيبولا مان پراسرا شعائون خارج ٿيڻ لڳيون

news

نيويارڪ: سومر 21 مٸي 2018ع: سائنسدانن مشاهدو ڪيو آهي ته خلائي ماڪوڙي چورائيندڙ سحابيا ٻن غير مانوس ليزر شعائون خارج ڪري رهيا آهن جيڪي زمين تائين به پهچي رهيون آهن.

يورپين اسپيس ايجنسي جي فلڪياتي ماهرن ڪهڪشائن جي جهرمٽ ۾ ستارن جي ٻٽي نظام جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ماڪوڙي جي شڪل واري نيبيولا ۾ موجود ٻن ستارن مان غير مانوس ۽ غير معمولي ليزر شعائن کي نڪرندر ڏٺو ويو آهي جيڪي زمين جي سطح تي پوندي نظر اچن ٿيون، رنگ ۽ روشني جو اهو منظر نهايت دلڪش ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ماهوار سائنس رسالي ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مختلف گيسن تي ٻڌل ماڪوڙي جي شڪل واري سحابيا Menzel 3 مان ٻن طرح جون ليزر شعائون نڪرنديون آهن.

اهي ليزر شعاعون غير معمولي ساخت رکنديون آهن ۽ ان کان اڳ خلاءَ ۾ اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ نه ٿا ملن. ياد رهي ته ان سحابيي ۾ موجود ستارا پنهنجي خاتمي جي ويجهو آهن ۽ اهڙي ليزر خارج ڪري رهيا آهن.