ان خاندان مان آهيان جتي نياڻي کي گهٽ ناهي سمجهيو ويندو: ثانيا مرزا

news

 نئين دهلي: اڱارو 22 مئي 2018ع: ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن پٽ پيدا ٿئي ٿو ته ان کي خاندان جو چراغ سڏيو ويندو آهي، پر مان ان خاندان مان آهيان جتي نياڻي کي گهٽ ناهي سمجهيو ويندو.

هن چيو ته ان جي ٻارڙي جو نالو مرزا ملڪ هوندو، جيڪو ثانيا ۽ شعيب جي نالن جي آخري حصي مان ورتو ويو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ سمجهيو ويندو آهي ته هڪ پٽ ئي خاندان کي اڳيان وڌائي سگهي ٿو ۽ اهو خاندان جو چراغ هوندو.

هن چيو ته منهنجو تعلق اهڙي ڪٽنب سان آهي، جتي 2 ڌيئون هيون، پر اسان کي ڪڏهن ڀاءَ جي ضرورت محسوس نه ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن اسان سان ڪو ٻيو رويو اختيار ڪيو ويو.