لارڊز ٽيسٽ: پاڪستاني ٽيم لنڊن پهچي وئي، پريڪٽس سيشن شروع

news

 لنڊن: اڱارو 22 مئي 2018ع: پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ خميس تي لنڊن ۾ شروع ٿيندي. ان کان پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم 5 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

انگلينڊ جي ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ پاڪستان ۽ ليسٽر شائر وچ ۾ کيڏيل ٻن واري ٽيسٽ ميچ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي هئي. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻئين ميچ پهرين جون کان 5 جون تائين ليڊز ۾ کيڏي ويندي. 

لارڊز ٽيسٽ مئچ ۾ فتح واري عزم لاءِ پاڪستاني ٽيم لنڊن ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن، مهمان ڪرڪيٽر صلاحيتون وڌائڻ لاءِ اڄ تاريخي ميان ۾ پريڪٽس سيشن پڻ ڪندا، پريڪٽس سيشن سڀاڻي اربع تائين جاري رهندو.