پريانڪا چوپڙا بنگلاديش ۾ ترسيل روهنگيا مسلمانن وٽ پهتي، ٻارڙن سان ڪچهري

news

 ممبئي: اڱارو 22 مئي 2018ع: بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا بنگلاديش ۾ موجود روهنگيا پناهگيرن جي ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ انسٽا گرام تي پنهنجو تجربو شيئر ڪيو آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا بنگلاديش ۾ موجود روهنگيا مسلمانن جي ڪيمپ جو دورو ڪيو.

اهڙي تصوير انسٽا گرام تي پڻ شيئر ڪئي ۽ چيو ته سڄي دنيا کي انهن ٻارن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ کين اسان جي مدد جي ضرورت آهي. ياد رهي ته اداڪارا يونيسيف جي چائلڊ رائيٽس جي سفير پڻ آهي.