فيس بڪ ڊيٽا سياسي مقصدن لاءِ استعمال: مارڪ زڪر برگ پنهنجي دفاع لاءِ يورپ پهچي ويو

news

 لنڊن: اڱارو 22 مئي 2018ع: فيس بڪ جو باني ۽ سي اي او مارڪ زڪر برگ فيس بڪ ڊيٽا جي سياسي مقصدن لاءِ استعمال جي اسڪينڊل تي پنهنجي دفاع لاءِ يورپ پهچي ويو آهي.

برطانوي سياسي ڪنسلٽنسي فرم “ڪيمرج اينا ليٽيڪا“  جنهن جون خدمتون صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم جي خدمتن لاءِ حاصل ڪيون هيون، جنهن فيس بڪ جي ڪروڙين صارفين جي ڊيٽا کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو هو، جنهن تي مارڪ زڪر اڳ ۾ آمريڪي پارليامياني ڪميٽي ۾ پيش ٿي چڪو آهي پر هو پنهنجو مڪمل دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام سمجهيو پئي ويو. برسلز ۾ هو يورپي يونين جي قانوسازن جي سوالن جا جواب ڏيندو ۽ پنهنجي اداري جو دفاع ڪندو.

مارڪ زڪر برگ سڀاڻي اربع تي فرانس جي صدر ايمانيول ميڪرون سان ملاقات ڪندو ۽ ان بعد برسلز ويندو جتي يورپي يونين جي پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ٿيندو. هو ان کان اڳ برطانوي قانون دانن کي ذاتي حيثيت يا وڊيو لنڪ ذريعي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي پر برطانيا يورپي يونين  کان پنهنجن سوالن جا جواب زڪر برگ کان وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي.

فيس بڪ جو چيف ٽيڪنيڪل آفيسر مائيڪ شريو فر هڪ برطانوي ميڊيا ڪمپني ۾ پيش ٿي چڪو آهي پر هن چيو ته ان کي پنهنجن سوالن جي حوالي سان اطمينان ناهي ٿيو.