ورلڊ ڪپ کان اڳ ناليواري فرانسيسي فٽبالر پال پوگبا پاران عمري جي ادائيگي

news

رياض: اڱارو 22 مٸي 2018ع: فرانس جي فٽبال ٽيم ناليواري رانديگر پال پوگبا ورلڊ ڪپ کان اڳ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي ۽ انهن لمحن کي هن پنهنجي مداحن سان به شيئر ڪيو.

پال پوگبا سماجي رابطن واري ويب سائٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي حرم شريف ۾ بيٺو ڏسي سگهجي ٿو.

فرانسيسي فٽبالر چيو ته اها تمام خوبصورت جاءِ آهي ۽ هتي بيهي مان پنهنجا جذبات بيان نه ٿو ڪري سگهان.

پال پوگبا وڌيڪ چيو ته هو ٻيهر هتي آيو آهي ۽ انشاءَ الله هڪ ڏينهن اوهان به اتي ضرور ايندا.

25 ورهين جو پوگبا پنهنجي قومي ٽيم کان علاوه پريميئر ليگ ڪلب جي ٽيم مانچسٽر يونائيٽيڊ جي به نمائندگي ڪري چڪو آهي، هو بنيادي طور تي سينٽرل مڊفيلڊ ۾ کيڏندو آهي جڏهن ته ان کي اٽيڪنگ مڊ فيلڊ، ڊفينس مڊفيلڊ ۽ ڊيپ لائننگ پلي جي طور تي به کيڏايو ويندو آهي.