سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ پ پ پ پاران ٽن نالن تي غور

news

ڪراچي: اڱارو 22 مٸي 2018ع: سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي 3 نالن تي غور ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ پارلياماني پارٽين جو نگران وڏي وزير لاءِ مختلف نالن تي غور جاري آهي جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.

قائد ايوان مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن وچ ۾ اڃان تائين رسمي ويهڪ به ناهي ٿي سگهي.

ذريعن موجب وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ غير رسمي ملاقات سڀاڻي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندي جڏهن ته باضابطه ملاقات 24 مئي تي ٿيندي.

سنڌ ۾ حڪمران پارٽي پ پ نگران وڏي وزير لاءِ 3 نالن تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي جن ۾ حميد سومرو، ڊاڪٽر يونس سومرو ۽ جسٽس (ر) غلام سرور ڪورائي شامل آهن.

حميد سومرو اڳوڻي وڏي وزير الله بخش سومرو جو پوٽو ۽ پيشي جي لحاظ سان انجنيئر آهي، ڊاڪٽر يونس سومرو مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن آهي ۽ جسٽس (ر) غلام سرور سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج آهي. 

سنڌ حڪومت پاران ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ، ڊاڪٽر قيوم سومرو، بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سميت ٻين نالن تي به غور جاري آهي.

هوڏانهن ايم ڪيو ايم اڳوڻي گهرو صلاحڪار آفتاب احمد شيخ ۽ ٻين نالن تي غور ڪري رهي آهي. فنڪشنل ليگ طرفان سيد غوث علي شاهه جو نالو ڏنو ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن نگران وڏي وزير لاءِ نالا پيش نه ڪري سگهي آهي.