فلسطين پاران اسرائيل خلاف عالمي فوجداري عدالت سان رابطو

news

يروشلم: اڱارو 22 مٸي 2018ع: فلسطيني پرڏيهي وزير رياض الملڪي اسرائيل خلاف جنگي ڏوهن جي تحت جاچ لاءِ عالمي فوجداري عدالت سان رابطو ڪرڻ لاءِ هالينڊ پهچي ويو.

عالمي خابرو اداري موجب فلسطيني پرڏيهي وزير رياض الملڪي گذريل ڏينهن دي هيگ ۾ قائم عالمي فوجداري عدالت پهچي ويو آهي جتي هو عالمي عدالت کان فلسطين جي والاريل علائقن ۾ يهودي آبادڪاري جي خلاف ۽ اسرائيلي جارحيت جي جاچ شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪندو. 

ان حوالي سان اڄ هو عالمي فوجداري قانون جي پراسيڪيوٽر فاتو بينسوڊا سان به ملاقات ڪندو.

فلسطيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير رياض المڪي عالمي فوجداري قانون جي پراسيڪيوٽر سان ٿيندڙ ملاقات ۾ فلسطين جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪندو ۽ خاص طور تي فلسطيني علائقن ۾ يهودي آبادڪاري بابت عالمي قانونن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ان کان پوءِ پرڏيهي وزير عالمي عدالت ٻاهران ميڊيا سان به ڳالهائيندي.