شبنم گل سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري مقرر

news

 حيدرآباد: خميس 24 مئي 2018ع: سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا پروفيسر شبنم گل، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ اداري جي سينيئر عملدارن سندس آجيان ڪري کيس گلدستو پيش ڪيو. ذميواريون سنڀالڻ کان پوءِ پروفيسر شبنم گل مختلف شعبن جو دورو ڪري عملدارن ۽ ڪارڪنن جو ڪم ڏٺو.

ان موقعي تي هن چيو ته اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو کيس هڪ قومي ۽ ماءُ ٻولي جي اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو آهي، اسان سڀ گڏجي مؤثر تنظيمي ڪم ذريعي هن اداري جي مقصد جي حاصلات ۽ ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائينداسين.

ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، پروفيسر شبنم گل جي سيڪريٽري طور گذريل هفتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، ان کان پهرين اداري جو سينيئر عملدار امين محمد لغاري انچارج سيڪريٽري طور ذميواريون نڀائي رهيو هو.