ڪارخانن ۽ هوائي اڏن تي ترت اچ وڃ لاءِ توهان جي پنهنجي ذاتي سواري

news

 ميونخ: جمعو 25 مئي 2018ع: وڏن وڏن ڪارخانن، هوائي اڏن ۽ شاپنگ مال ۾ عملو هڪ کان ٻي جاءِ تي ڊوڙندو رهندو آهي، جنهن لاءِ سيگ وي نالي سان ذاتي سواري سالن کان استعمال ڪئي پئي وڃي.

هاڻي بي ايم ڊبليو ڪمپني پاران ان طرح جي هڪ سواري ٺاهي آهي، جيڪا پهرين سواري جي مقابلي ۾ بهتر ۽ سادي آهي. هن سواري کي پرسنل موور يعني ذاتي چرپر واري سواري جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جي هيٺيان 5 ڦيٿا آهن ۽ هي هڪ ماڻهو کي 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پهچائي سگهي ٿي.

اڪثر ڪارخانن ۽ شاپنگ مال ۾ عملي کي روزانو 5 کان 10 ڪلوميٽر تائين هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين وڃڻو پوندو آهي، جنهن لاءِ هاڻي اها سواري تيار ڪئي وئي آهي، ان جو پليٽ فارم ايترو وڌيڪ رکيو ويو آهي جو ان تي وزن به رکي سگهجي ٿو.

ان جو هينڊل موٽرسائيڪل جيترو آهي ۽ پورو نظام بجلي تي هلندو آهي، اهڙي سواري جي رفتار گهٽ وڌ به ڪري سگهجي ٿي.