سينيٽ چيئرمين پاران حڪومت کان ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير ۽ گڏيل ڪتاب بابت جواب طلب

news

 اسلام آباد: جمعو 25 مئي 2018ع: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي حڪومت کان ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير جي معاملي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اها سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي آهي، ان سان پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ايندي، حڪومت ان تي جواب ڏي، ان کانسواءِ عالمي بئنڪ سان ڳالهيون ٿيون آهن، ان حوالي سان اعتماد ۾ ورتو وڃي، سينيٽ چيئرمين حڪومت کان ان تي جواب طلب ڪري ورتو.

ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين سينيٽر صادق سنجراڻي گهرو وزارت ۽ دفاع واري وزارت کان پاڪستان ۽ ڀارت جي انٽيليجنس ايجنسين جي اڳوڻن سربراهن جي گڏيل ڪتاب جي معاملي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر ميان رضا رباني چيو ته روزاني لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي به پوري دنيا جي سامهون آهي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو عالمي دنيا نوٽيس نه وٺي رهي آهي، لائين آف ڪنٽرول تي سويلين آبادي ڀارتي گولا باري جو نشانو آهي، اها حيرت جي ڳالهه آهي جو چار پنج ڏينهن پهرين آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) اسد دراني ۽ ڀارتي ايجنسي جي سندس هم منصب جي هڪ گڏيل ڪتاب جون خبرون آيون ۽ هاڻي ان جا ڪجهه ٽڪرا به سامهون اچي ويا آهن، هڪ طرف ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي اها حالت آهي، ڇا وفاقي حڪومت يا سندس اداري کان ڪنهن موڙ تي جنرل دراني ”را“ جي چيف سان گڏجي ڪتاب لکڻ جي اجازت ورتي هئي، جيڪڏهن اجازت نه گهري هئي ته ڇا آگاهه ڪيو هو.

قانون واري وزير چيو ته دفاع واري وزير کان ان جو جواب ورتو وڃي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ان تي دفاع واري وزارت جواب ڏي، سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته ڪتاب ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا آهن اسان کي ان جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو وڃي، چيئرمين چيو ته ان معاملي تي گهرو وزرات کان جواب طلب ڪري ٿا وٺون.