رحيم يار خان ۾ ڪنٽينر جهوپڙين مٿان ڪِري پيو، هڪ عورت ۽ ٽي ٻارڙا فوت

news

 رحيم يار خان: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: رحيم يار خان ۾ ٽرالر ۾ پيل ڪنٽينر جهوپڙين مٿان ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنٽينر هيٺيان اچڻ ڪري هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

رپورٽن مطابق رحيم يار خان جي علائقي لياقت پور ۾ ترنڊه قومي شاهراهه تي هڪ ٽرالر تي پيل ڪنٽينر جهوپڙين مٿان ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ جهوپڙين ۾ ستل هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس مطابق ٽرڪ ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.