وزيراعظم اڄ سکر_ ملتان موٽر وي ۽ شهيد بينظير ڀٽو پل جو افتتاح ڪندو

news

 اسلام آباد: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ ڇنڇر ڏينهن سکر _ ملتان موٽر وي (ايم 5) ملتان _ شجاع آباد سيڪشن ۽ سنڌو درياءُ تي شهيد بينظير ڀٽو پل جو افتتاح ڪندو.

موٽر وي سيڪشن کلڻ سان ملتان ۽ شجاع آباد جي وچ ۾ رابطن جي تيز رفتار ۽ آسان سهولت ميسر ايندي، سکر _ ملتان موٽر وي ڪراچي _ لاهور موٽر وي منصوبي جو حصو آهي ۽ سي پيڪ تحت تعمير ڪيو ويو آهي، ان جي ڊيگهه 394 ڪلوميٽر هوندي ۽ ان تي 294 ارب روپين جي لاڳت ايندي.

واضح رهي ته سکر_ملتان موٽر وي تي اڄ آخري اڏاوتي ڪم دوران تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ اتي ڪم ڪندڙ 5 پورهيت فوت ٿي چڪا آهن.