مراڪش جي ريگستان ۾ آسماني خزاني جي ڳولا

news

 مراڪش: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: مراڪش جي تپيل ريگستانن ۾ آسمان مان ڪرندڙ قيمتي پٿر ماڻهو جمع ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن پر ان لاءِ ريگستانن جي مٽي به ڇاڻڻي پوندي آهي، آسمان مان ڪرندڙ اهي ننڍا وڏا پٿر بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهن تي وڪرو ٿين ٿا.

مراڪش جي انهن ريگستانن ۾ قيمتي پٿر ڳولا ڪندڙ ماڻهن وٽ هڪ خاص قسم جا اوزار هجن ٿا، جن وسيلي هو قيمتي پٿر ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. 59 ورهين جي هڪ اڳوڻي استاد جو چوڻ هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪو پٿر اهڙو به ملي ويندو آهي، جيڪو سون ۽ پلاٽينم کان به قيمتي هوندو آهي ۽ هڪ گرام هڪ هزار ڊالر يعني هڪ لک ۾ وڪرو ٿيندو آهي.

 

عبدالرحمان نالي شخص ٻڌايو ته کيس 600 گرام جو هڪ آسماني پٿر مليو، جنهن جي هر گرام کي مون 80 هزار ۾ وڪرو ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪيترائي خانابدوش ماڻهو قيمتي پٿرن جي ڳولا ۾ مراڪش جي ريگستانن ۾ رلن ٿا. سائنسدانن لاءِ هي پٿر نظام شمسي تي تحقيق ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. مراڪش ۾ ان خزاني لاءِ ڪو قانون موجود ناهي، ان ڪري ماڻهو اهي پٿر گڏ ڪري پاڻ وڪرو ڪن ٿا.