فيس بڪ سگريٽ کان بچائي ٿو: تحقيق

news

 ڪيليفورنيا: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: سگريٽ پيئڻ ڪيترين ئي بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿو، ان حوالي سان مختلف تحقيقن ۽ جاڳرتا مهم ذريعي آگاهي هلائي ويندي آهي، پر هاڻي هڪ نئين تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته فيس بڪ ان بري عادت کي ختم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿئي ٿو.

ڪيليفورنيا جي سان فرانسسڪو يونيورسٽي جي تحقيق مطابق سگريٽ پيئندڙ ماڻهو ڊاڪٽر پاران ٻڌايل هدايتون، ٽي وي تي ڏنل سبق يا سگريٽ کي ڇڏڻ بابت ڪنهن مهم يا آن لائين پروگرامن جي نسبت فيس بڪ تي ڏنل پوسٽن جي هدايتن تي وڌيڪ عمل ڪن ٿا. تحقيق مطابق نوجوانن کي سگريٽ ڇڏڻ لاءِ فيس بڪ تي ڏنل پوسٽون متاثر ڪري رهيون آهن ۽ هاڻي فيس بڪ پوسٽن ذريعي اهڙي آگاهي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.

سان فرانسسڪو يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊينيئل ريمو جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ فيس بڪ هڪ اهڙو بااثر اوزار آهي، جيڪو معاشري ۾ سگريٽ نوشي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا رهيو آهي، ايتري تائين جو جن لاءِ سگريٽ ڇڏڻ ناممڪن هو، اهي پڻ فيس بڪ جي پوسٽن تي عمل ڪندي سگريٽ ڇڏي رهيا آهن.