ڪرڪيٽ جو هڪ ٻيو وڏو اسڪينڊل ظاهر: سريلنڪا ۾ وڪيٽ فڪسنگ جو انڪشاف

news

 قطر: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: مئچ فڪسنگ، اسپاٽ فڪسنگ ۽ فينسي فڪسنگ کانپوءِ هاڻي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪرپشن جي هڪ نئين قسم وڪيٽ فڪسنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ سريلنڪا جو گرائونڊ ملوث قرار ڏنو ويو. برطانوي اخبار موجب عرب ٽي وي ڳجهي آپريشن ذريعي سريلنڪا ۾ ڪرڪيٽ مئچ فڪسنگ جي نئين سازش بي نقاب ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪو پرڏيهي رانديگر نه پر ڪرڪيٽ گرائونڊ جو عملو ملوث آهي.

الجزيره ٽي وي سان تعلق رکندڙ هڪ صحافي بزنس مين جي روپ ۾ گال اسٽيڊيم جي اسسٽنٽ مئنيجر ٿرانگا انديڪا ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر رابن مورس سان ملاقات ڪئي ۽ ملاقات دوران ٿيندڙ ڪچهري کي ڳجهين ڪئميرائن ذريعي رڪارڊ ڪيو ويو.

عرب ٽي وي پاران جاري ڪيل شروعاتي فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته صحافي فڪسنگ بابت ٿارنگا انديڪا سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، صحافي ان سان اسٽيڊيم ۾ 6 نومبر تي انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ شيڊول ٽيسٽ کي فڪس ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو ته ڇا هي مئچ 5 ڏينهن بدران 4 ڏينهن ۾ ختم ٿي سگهي ٿو؟ جنهن تي ٿارنگا کيس جواب ڏئي ٿو ته 4 ڏينهن ڇا پر اڍائي ڏينهن ۾ ئي ختم ڪري ڇڏينداسين، پچ کي ميچ کان 2 هفتا اڳ کولي ڇڏي ڏينداسين، پاڻي به نه هڻنداسين، ٽيسٽ ميچ ان کان به جلد ختم ڪرائي ڇڏيندس.

ملاقات دوران ٿارنگا دعويٰ ڪئي ته ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ان ميدان ۾ 2017ع ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ۾ به وڪيٽ کي فڪس ڪيو ويو هو، ان ٽيسٽ ۾ ڀارت 6 سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون هيون.

ٻئي پاسي انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته فڪسنگ بابت رپورٽ کان آگاهه آهيون. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته رپورٽ جي مڪمل طور تي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ معاملي جي جاچ ڪئي ويندي.