نصيرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران گورنمينٽ هاءِ اسڪول کي ڊي ڊي او پاور نه ملڻ خلاف احتجاج

news

نصيرآباد: ڇنڇر 26 مئي 2018:پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن تعلقي صدر ممتاز علي ڪلهوڙو، شيراز پتوجو، حاجي پنھل لغاري، غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو، سجاد سولنگي، فياض لغاري، مهراڻ پتوجو، ڪاشف باغي، عابد پتوجو، دريا خان پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.

مظاھرين شهر جو گشت ڪرڻ بعد نصيرآباد سچل پريس ڪلب تي آيا. بعد ۾ مظاھرين آرٿر شاخ جي پل تي علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد کي ڊي ڊي او پاور ڏنو وڃي ته جيئن رٽائرڊ استادن کي رٽائرمينٽ ۽ پينشن ملي سگهي.

هنن چيو ته ڊي ڊي او پاور نه هئڻ ڪري مرحوم استاد عبدالستار پتوجو جي اولاد کي 12 مهينا گذري وڃڻ باوجود به رٽائرمينٽ ۽ پينشن نه ملي سگهي. جنهن ڪري استادن جي اولاد فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن.

اهڙي عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ٿا ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد کي ترت ڊي ڊي او پاور ڏنا وڃن ته جئين استادن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين هاءِ اسڪول نصيرآباد کي ڊي ڊي او پاور نه ڏنا ويندا، تيستائين شھيد ڀٽو نصيرآباد جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو جاري رکيو ويندو.01