آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل: ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري

news

 لاهور: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: لاهور هاءِ ڪورٽ آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ 2 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي تي مشتمل 2 رڪني بينچ جاري ڪيو.

عدالت جوابدار اسرار سعد ۽ عارف مجيد بٽ کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻنهي جوابدارن جا نالا آزادي کان پهريان ئي اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. اسرار سعيد ۽ عارف مجيد بٽ جا پاسپورٽ نيب حوالي ڪيا وڃن، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن کي 10، 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي. تحريري فيصلو 2 صفحن تي مشتمل آهي.