پي ٽي آءِ اڪثريت سان اليڪشن کٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاھيندي: نزهت پٺاڻ

news

ٺٽو: ڇنڇر 26 مئي 2018:تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري  نزھت پٺاڻ چيو آھي ته ڪراچي ۾ رياستي ادارن پاران سنڌ جي نياڻين تي وحشياڻي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، ڪنھن به حڪومتي اداري کي حق نٿو پھچي ته ڪنھن نياڻي ان جي ڀاءَ يا پيءَ کي کنڀي کڻي وڃي غائب ڪري ڇڏي.

حڪومت سنڌ ڪڏھن آبادگارن، ڪڏھن ليڊي هيلٿ ورڪرن يا استادن تي تشدد ڪرائي سنڌ ڌرتي ڌڻين سان زيادتي ڪري رھي آھي.

ھن اھڙن خيالن جو اظھار مڪلي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائي الڳ صوبو ٺاھڻ واري معاملي تي واضع موقف آھي، سنڌ ۾ جيڪو مھاجر سڀ سھولتون وٺي ٿو ۽ الڳ صوبي جو مطالبو ڪري ٿو، ان کي شرم اچڻ گھرجي.

ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي عمران خان جو موقف چٽو آھي ته ٽنھي صوبن جي رضا مندي کانسواءِ ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺاھڻ گھرجي.

ھن وڌيڪ چيو ته اليڪشن کانپوءِ پي ٽي آءِ پ پ پ سان اتحاد ڪري گڏيل حڪومت نه ٺاھيندي، پي ٽي آءِ اڪثريت سان اليڪشن کٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاھيندي.

ھن چيو ته اسٽبلشمينٽ ھڪ حقيقت آھي، جمھوريت ۾ اسٽبلشمينت جو وڏو ڪردار ھوندو آھي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ليڊيزونگ سنڌ جي سينيئر نائب صدر افروز شورو، ليڊيز ونگ ٺٽي ضلعي جي صدر شھناز بلوچ، پي ٽي آءِ ضلعي جنرل سيڪريٽري وقار ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.01