ميڪونو طوفان يمن ۾ تباهيءَ کانپوءِ عمان سان ٽڪرائجي ويو، ٻارڙي فوت، ڪيترائي گم

news

 مسقط: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: سامونڊي طوفان ميڪونو عمان سان ٽڪرائجي ويو آهي. طوفان ڪيٽيگري 3 ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. تيز هوا سان 12 سالن جي ٻارڙي ديوار سان ٽڪرائڻ سبب فوت ٿي وئي. عمان جي صلالا ايئر بيس ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو پڻ گم ٿي ويا آهن. حڪومت عمان ساحل تي هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

عمان جو ٻيو عالمي هوائي اڏو به 24 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو. عمان موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته طوفان ڪيٽيگري 3 ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن بعد 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. صلالا ايئر بيس ۾ پاڻي ڀرجي ويو، سول ڊفينس سينٽر کي خالي ڪرايو ويو. حڪومت سمنڊ ڪناري تي هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. سامونڊي علائقي ۾ هنگامي حفاظتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف سامونڊي طوفان ميڪونو سان سعودي عرب جي اوڀر وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. نجران ۽ ربع الخالي ۾ طوفان سان برسات پئجي سگهي ٿي. تازن اطلاعن مطابق طوفان جو مرڪز سعودي عرب کان پري ٿي رهيو آهي.