هندو ميريج ايڪٽ منظور: هندو بيواهه عورت کي ٻي شادي جو حق ملي ويو

news

 ڪراچي: ڇنڇر 26 مئي 2018ع: سنڌ اسيمبلي هندو ميريج ايڪٽ 2018ع منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت هاڻي هندو بيواهه عورت مڙس جي وفات جي 6 مهينن کانپوءِ ٻي شادي ڪري سگهي ٿي.

رپورٽن موجب هندو ميريج ايڪٽ 2018ع هاڻوڪي سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيندڙ آخري بل آهي. بل جي متن مطابق هندومذهب جي بيواهه عورت کي پهرين پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ ٻي شادي ڪرڻ جو حق نه هو، پر هندو ميريج ايڪٽ 2018ع تحت هاڻي بيواهه عورت کي ٻي شادي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

هندو برادري جي عورت ان بل تحت جيڪڏهن پنهنجي مڙس سان خوش ناهي ۽ جيڪڏهن مڙس سندس ضِرورتون پوريون نٿو ڪري سگهي ته عورت پنهنجي مرضي سان پنهنجي مڙس کان الڳ به ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ عورت ۽ مرد جيڪڏهن چاهين ته رضامندي سان الڳ به ٿي سگهن ٿا.

هندو ميريج ايڪٽ ۾ مڙس ۽ زال برابري جي بنياد تي الڳ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته جيڪڏهن هندو مرد پنهنجي پهرين زال کي بغير ٻڌائڻ جي ٻي شادي ڪندو ته ان کي 6 مهينن جي سزا ڀوڳڻي پوندي ۽ کيس 5 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

بل تحت شادي ڪرڻ واري نوجوان ۽ ناري جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ گهرجي. ان بل جي منظوري کانپوءِ اهو بل صوبي ۾ اڄ کان ئي لاڳو ڪيو ويو آهي.