جسٽس (ر) ناصر الملڪ جو مختصر تعارف

news

 سومر 28 مئي 2018ع: نگران وزيراعظم چونڊجندڙ جسٽس (ر) ناصر الملڪ چيف جسٽس آف پاڪستان رهي چڪو آهي.

جسٽس (ر) ناصر الملڪ 17 آگسٽ 1950ع تي سوات جي شهر مينگورا ۾ جنم ورتو. ايبٽ آباد پبلڪ اسڪول ۾ ميٽرڪ ۽ ايڊورڊز ڪاليج پشاور مان گريجوئيشن ڪئي. 1977ع ۾ لنڊن کان بار ايٽ لا ڪرڻ کانپوءِ پشاور ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1981ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ بار جو سيڪريٽري ۽ 1991 ۽ 1993ع ۾ صدر رهي چونڊيو ويو. جسٽس (ر) ناصر الملڪ 4 جون 1994ع تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ 31 مئي 2004ع تي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ واري عهدي جي ذميواري سنڀالي ۽ 5 اپريل 2005ع تي کيس سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.

جسٽس ناصر الملڪ نه رڳو 3 نومبر 2007ع جي پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو پر هو 3 نومبر واري ايمرجنسي خلاف تڪراري حڪم جاري ڪندڙ ست رڪني بينچ ۾ به شامل هو. پي سي او تحت حلف نه کڻڻ جي ڪري هو عهدي تان هٽايو ويو ۽ سيپٽمبر 2008ع ۾ پ پ جي دور ۾ ٻيهر حلف کڻي جج جي منصب تي بحال ٿيو.

جسٽس ناصر الملڪ پي سي او، اين آر او ۽ 18هين ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ بيچن جو حصو رهيو. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت واري ڏوهه جي سزا ٻڌائيندڙ بينچ جو سربراهه به جسٽس (ر) ناصر الملڪ هو. جسٽس (ر) ناصر الملڪ پاڪستان جي 22 هون چيف جسٽس هو، جيڪو 6 جولاءِ 2014ع کان 16 آگسٽ 2015ع تائين ان عهدي تي مقرر هو.