بالي ووڊ فلمن جي آسٽريليا ۾ عڪسبندي بهترين عمل آهي: پرينيتي چوپڙا

news

 ممبئي: اڱارو 29 مئي 2018ع: بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته بالي ووڊ فلم تي پروڊيوسرز لاءِ آسٽريليا بهترين عالمي مقام آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ نالي واري اداڪارا پرينتي چوپڙا چيو آهي ته فلم چڪ دي انڊيا سلام نمستي ۽ بچنا اي حسينو جي عڪسبندي آسٽريليا جهڙي خوبصورت ملڪ ۾ ڪئي وئي ۽ يقينن ڀارتي فلمن جي عڪسبندي لاءِ بهترين عالمي مقام آهي.

هن چيو ته آسٽريليا هڪ منفرد ملڪ آهي، جنهن ۾ خوبصورت جبلن، شهرن، وائلڊ لائف، کائڻ ۽ ثقافت تعريف جوڳا آهن.