news
ڪراچي

آءِ سي سي ورلڊ اليون جي اڳواڻي ڪرڻ مون لاءِ اعزاز آهي: شاهد آفريدي

 ڪراچي: اربع 30 مئي 2018ع:  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ويسٽ انڊيز خلاف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ورلڊ اليون جي قيادت ڪندو، ان کان اڳ هي اعزاز انگلينڊ جي اوانمورگن کي ادا ڪرڻو هو جڏهن ته هو زخمي ٿي مئچ مان نڪري ويو آهي.

ان خبر تي پنهنجي ردعمل ۾ پاڪستاني آل رائونڊر چيو ته آءِ سي سي ورلڊ اليون جي قيادت ڪرڻ اعزاز آهي، هي مئچ هڪ سٺي مقصد لاءِ کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته خميس تي ڏسندڙ بهتر ڪرڪيٽ مان مزو وٺندا، ٻنهي ٽيمن جا رانديگر ڀرپور نموني مئچ لاءِ تيار آهن، 31 مئي تي ٿيندڙ هن مئچ لاءِ شروعاتي طور تي زخمي ٿيڻ سبب آفريدي جي پنهنجي شرڪت شڪي هئي، جڏهن ته 2 هفتا اڳ هڪ ٽوئيٽ ۾ هن مئچ ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي.

ارما ۽ ماريا سيلاب جي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ٽي 20 مئچ لارڊز ۾ 31 مئي تي کيڏي ويندي، جنهن ۾ ٽي 20 جي عالمي چيمپيئن ۽ آءِ سي سي ورلڊ اليون آمهون سامهون ٿينديون.