واٽس اپ اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ گروپ آڊيو ۽ وَڊيو ڪال وارو فيچر متعارف

news

 لنڊن: اربع 30 مئي 2018ع: واٽس اپ اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ گروپ آڊيو ۽ وَڊيو ڪال جي نئين فيچر جي شروعات ڪري ڇڏي، ان کان اڳ واٽس اپ طرفان نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ سالياني ايف 18 ڊولپر ڪانفرنس جي موقعي تي چيٽ ايپس جي ڊائريڪٽر مبارڪ امام ڪيو هو.

واٽس اپ طرفان جاري رپورٽ مطابق پوري دنيا مان صارفين پنهنجي اينڊرائيڊ ۽ آءِ فونز تي ان فيچر جي وصول ٿيڻ ۽ ان جي تازه ترين واٽس ايپ بيٽا 2.18.162 تي ان جي استعمال جي تصديق ڪري رهيا آهن. ان فيچر جي استعمال جو طريقو اهو آهي ته هڪ ڪنهن ٻئي کي آڊيو يا وڊيو ڪال دوران ان ڪال کي ڪاٽڻ کان بغير پنهنجي ڪانٽيڪٽس آئيڪون کي ڇڏي وڌيڪ ڪانٽيڪٽس کي آڊيو يا وڊيو ڪال ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي سگهن ٿا.

آئيڪون فون جي اسڪرين تي ساڄي طرف مٿي نظر ايندو، دعوت ملندڙ صارف ڪال ۾ شموليت جو فيصلو پاڻ ڪري سگهي ٿو. هوڏانهن برطانيا ۾ 16 سالن جي گهٽ ڄمار جي صارفين لاءِ واٽس ايپ جي استعمال تي پابندي سبب ڪجهه صارفين کي  واٽس اپ جي نئين فيچر تائين پهچ ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي. ان باوجود مبارڪ امام جو چوڻ آهي ته سندس طرفان متعارف ڪرايل نئين فيچر کي پوري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو استعمال ڪندا.