news
ممبٸي

ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي سري ديوي ايڪسيلنس ايوارڊ سان نوازيو ويو

ممبئي: خميس 31 مئي 2018ع: بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ ڪاميابي جا جهنڊا لڳائيندڙ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي سري ديوي ايڪسيلينس ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي جهاڙکنڊ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ سري ديوي ايڪسيلنس ايوارڊ سان نوازيو ويو، اهو ايوارڊ هدايتڪار مهيش ڀٽ کان پريانڪا چوپڙا جي والدا مڌو چوپڙا وصول ڪيو.

ايوارڊ ملڻ کانپوءِ پريانڪا چوپڙا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ايوارڊ لاءِ شڪريو ادا ڪندي چيو ته جهاڙکنڊ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ سري ديوي ايڪسيلينس ايوارڊ حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته سري ديوي هميشا منهنجي پسنديدا اداڪارا رهي آهي ۽ ان جي نالي جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ احترام جو سبب به آهي.