news
لنڊن

انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس انجري سبب ليڊز ٽيسٽ مان ٻاهر

لنڊن: خميس 31 مئي 2018ع: انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس هيمسٽرنگ انجري سبب ليڊز ٽيسٽ مان ٻاهر ٿي ويو جڏهن ته ان جي جاءِ تي برطانوي ٽيم 19 ورهين جي سوئنگ بالر سام ڪرن کي ٽيسٽ لاءِ طلب ڪري ورتو.

پاڪ برطانيه ٽيسٽ سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ سڀاڻي کان هيڊنگلي ليڊز ۾ شروع ٿي رهي آهي.

ٽيسٽ کان اڳ انگلش ٽيم کي آل رائونڊر بين اسٽوڪس جي انجري سبب وڏو ڌچڪو پهتو آهي. 

آل رائونڊر لارڊز ۾ 38 ۽ 9 رنسون ٺاهيون ۽ پهرئين اننگ ۾ 73 رنسون ڏئي 3 پاڪستاني رانديگر آئوٽ ڪيا.

اسٽوڪس هيمسٽرنگ انجري سبب ليڊز ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.