سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ملازمن کي ليوَ انڪيشمينٽ جلد ڏني وڃي: غلام نبي ڀلائي_سڪندر جوڻيجو

news

 ڄامشورو: خميس 31 مئي 2018ع: آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي چيئرمين غلام نبي ڀلائي، وائيس چيئرمين سڪندرعلي جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري فرحان خان، ممتاز خاصخيلي، عبد القيوم ملاح، رضا محمد دراني، ذوالفقار علي شر، محمد علي جمالي، عدنان اختر، محمد طاھر ۽ ٻين جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته  ليو انڪيشمينٽ (موڪل جو اجورو) ملازمن کي جاري ڪرڻ لاءِ جيڪو ھڪ ھفتي جو الٽيميٽم لکت ۾ سنڌ جي جملي وائيس چانسلرن کي ڏنو ويو ھو اھو جمعي پهرين جون تي ختم ٿي رھيو آھي ۽ ڇنڇر آچر موڪل آھي، ان ڪري تاريخ 4 جون کان سنڌ جي جملي يونيورسٽين ۾ احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو جنھن ۾ پھرين مرحلي طور 2 ڏينھن ڪاريون پٽيون ٻڌيون وينديون، جنھن کانپوءِ جملي يونيورسٽين جي انتظامي بلاڪن ۽ وائيس چانسلرن جي آفيسن اڳيان احتجاجي مظاھرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

هنن وڌيڪ چيو آھي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مددگار ملازمن سان بدترين زيادتيون ڪيون پيون وڃن ۽ کين جملي حقن کان محروم رکيو ويو آھي، جنھنڪري تاريخي جدوجھد کان سواءِ ڪو به رستو نه ٿو بچي. ھنن چيو ته اسان ڪيئي دفعا لکت ۾ مسئلا پيش ڪيا آھن ۽ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون به ٿيون آهن، پر انھن ڳالھين جو ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري جڏھن ته لياري يونيورسٽي ڪراچي توڙي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ چونڊيل عھديدارن کي ڌمڪايو ۽ ھيسايو پيو وڃي ۽ فيڊريشن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته جدوجھد جو رخ وزير اعليٰ ھائوس ڏانھن ڪيو وڃي.

ھنن چيو ته اسان تعليم دوست آھيون پر حق نه مليا ته پوءِ ھر طرح جي جمھوري ۽ قانوني جدوجھد جي آخري حد تائين وينداسين. ھنن جملي يونيورسٽين جي عھديدارن کي اپيل ڪئي ته ھو 04 جون کان شروع ٿيندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي پنھنجن يونيورسٽين ۾ احتجاج ڪن ۽ فيڊريشن جي فيصلن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.