ڪوهلو ۾ ايف سي جي ڪارروائي، ٽي دهشتگرد مارجي ويا

news

 ڪوئيٽا: سومر 04 جون 2018ع: ڪوهلو ۾ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

ايف سي ترجمان مطابق آپريشن رد الفساد تحت هلندڙ آپريشن دوران بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. ڪارروائي دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن ايف سي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.

جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ مزاحمت ڪار تنظيم سان آهي ۽ انهن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.