عورت ۽ اقتدار جو حق

news

 حيدرآباد: (ليکڪ: ريحانه خشڪ) عورت جيڪا ھڪ عظيم ھستي آھي، جنھن جي ھنج مان ڪيترن ئي دليرن ۽ جوڌن جنم ورتو آھي، عورت اھا آھي جيڪا ڪيڏي به مشڪل منزل ھجي، ڪھڙو به جنگ جو ميدان ھجي، ڪيڏو به ڏک جو درياهه ھجي پر ھو جڏھن جرئت ڪندي آھي ته ڏونگر به ڏوري وجھندي آھي، منزلن جو رخ موڙي طوفان جيان گذري ويندي آھي، عورت جي عظمت ۽ ھمت کي ته ڀٽائي به ساراهيو آھي. عورت ايتري ھمت ۽ جرئت باوجود به ھميشه کان ڪمتر سمجھي وئي آھي، ڪراچي کان ڪشمور تائين عورت اصل کان ظلم برداشت ڪندي آئي آھي ۽ ظلم ستم جي چڪيءَ ۾ پيسجندي پئي اچي، چاھي عورت اقتدار ۾ ڇو نه ھجي پر اتي به ھو ڪڏھن ڪنھن وزير جي جملن جو شڪار ٿئي ٿي ته ڪڏھن وڏيرن ۽ مشيرن سان جنگ جوٽي ٿي، مرد چاھي ڪھڙي به رتبي تي پھچي ان جي سوچ ھميشه ان مرد وانگر ھوندي جيڪو عورت کي ڪنھن قابل ڪونه ٿو سمجھي ان جون واڳون پنھنجي ھٿ ۾ رکڻ ٿو چاھي ۽ ان کي ھر حق کان محروم ٿو رکي.

ھن ايڪويھين صديءَ جي دور ۾ به عورت پنھنجي سياسي حق کان به محروم آھي، جڏھن حڪومت ختم ٿي ۽ نگران حڪومت چونڊي وئي، جنھن ۾ ھڪ به عورت کي ان قابل ڪونه سمجھيو ويو ته ان کي ڪو عھدو ڏنو وڃي نه ئي ڪنھن سياسي يا سماجي اداري ان جي مخالفت ڪئي ۽ آواز اٿاريو. ڇا عورت جيڪا ھر ميدان ۾ اڳيان اڳيان رھي آھي ان قابل به ڪونه آھي ته ھو ڪجھ عرصي لاءِ ئي صحيح ڪو عھدي ماڻي سگھي؟ محترمه بينظير به ته ھڪ عورت ھئي جنھن ايترا سال حڪمراني ڪئي، جنھن جي قابليت کي پوري دنيا تسليم ٿي ڪري، تاريخ گواھ آھي اقتدار ۾ ويٺل عورتن ئي عورتن جي حقن خلاف آواز اٿاريو ۽ قانون پاس ڪرايا.

افسوس جھڙي ڳالھ ته اھا آھي ته عورتن کي موقعا ڏيڻ جون دعويدار پارٽيون به عورتن کي ان حق کان محروم رکيو، جنھن ملڪ جا حڪمران اھڙي سوچ رکندڙ ھوندا ته اھا اميد رکڻ اجائي آھي ته عورت کي ڪڏھن ان جا حق ملي سگھندا، عورت کان ان جو سياسي حق کسيو ويو آھي، ان کي اقتدار کان پري رکيو ويو آھي، جيستائين عورت کي اقتدار جو برابر حق نه ملندو ان جون مشڪلون ختم  نه ٿينديون. حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ادارا، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون ۽ وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ سياسي پارٽيون به ان ناانصافي تي خاموش ۽ لاتعلق بڻيل آھن.