مهراڻ يونيورسٽي جو ڪئميڪل شعبو يونيورسٽين جي عالمي اتحاد ”سلڪ روڊ“ جو حصو بڻجي ويو

news

 ڄامشورو: اڱارو 05 جون 2018ع: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ڪئميڪل شعبو يونيورسٽين جي عالمي اتحاد ”سلڪ روڊ“ جو حصو بڻجي ويو. چين جي زيان جيائوتونگ يونيورسٽي ۽ ان جو ڪيميڪل شعبو “سلڪ روڊ” اتحاد جو بنياد وجهندڙ آهي.

مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽرمحمد اسلم عقيلي چيو آهي ته، هن اتحاد ۾ چين سميت دنيا جون نامور يونيورسٽيون جھڙوڪ؛ آڪسفورڊ يونيورسٽي، ڪئمبرج يونيورسٽي، لورپول يونيورسٽي، ڪوئينزلينڊ يونيورسٽي، سائوٿ ويلز يونيورسٽي، ڪوئينز ميري يونيورسٽي، نارٿ مبريا يونيورسٽي، لوف بورو يونيورسٽي، هانگ ڪانگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪناولوجي شامل آهن.

مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ڪئميڪل شعبي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته اتحاد جي قائم ٿيڻ سان رڪن ملڪن جي ذهين شاگردن کي هڪٻئي جي ادارن ۾ گڏيل تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون ڪرڻ جا موقعا ملندا. هن معاهدي سان تعليمي ادارن جي محققن کي گڏ تحقيق ڪرڻ، پڙهائڻ ۽ پڙهڻ جا موقعا ملندا. جڏهن ته ڄاڻايل اتحاد سان گڏيل بين الاقوامي تحقيقي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي رٿا به شامل آهي. ان سلسلي ۾ ابتدائي طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ چين جي زيان جيائوتونگ يونيورسٽِي هڪ گڏيل ليبارٽري قائم ڪري ورتي آهي.

ياد رهي ته مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل شعبي جي سربراهه پروفيسر سيد فرمان علي شاهه کي ان اتحاد جي رڪن جي حيثيت ۾ 21 ۽ 22 جولاءِ 2018ع تي چين ۾ ٿيندڙ عالمي گڏجاڻِي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت پڻ ڏني وئي آهي.