عيد ويجهو ايندي ئي حيدرآباد جي بازارن جون رونقون موٽي آيون، ماڻهو گهرڀاتين سميت خريداري ڪرڻ ۾ مصروف

news

حيدرآباد: اربع 06 جون 2018:عيد ويجهو ايندي ئي حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ رش وڌي وئي آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد، ريشم گلي، ٽاور مارڪيٽ،  ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ ٻين ننڍين وڏين بازارن ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو وڏو هجوم خريداري لاءِ پهچي ويو آهي.

شام ٿيندي ئي بازارن ۾ رش وڌي وڃي ٿي، ڄاڻايل بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪپڙن، چوڙين، سينڊل، پرس، جيولري ۽ ٻارڙن جي رانديڪن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جتي شام ٿيندي ئي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن جو وڏو انگ خريداري لاءِ پهچي وڃي ٿو، جڏهن ته مهانگائي هجڻ سبب غريب طبقو عيد جي سٺي خريداري ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهي.

عيد خريداري جي موقعي تي بازارن ۾ رش هجڻ ڪري سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي آن لائين انڊس سان ڳالهائيندي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي شين جون قيمتون وڌايون ويون آهن، جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ بڻيل آهي، عيد ويجهو آهي پر جيتري اڳ ۾ رش ٿيندي هئي، اها هاڻي نظر نه پئي اچي ۽ خريدارن جو انگ پڻ گهٽجي ويو آهي.

ٻئي پاسي خريداري لاءِ آيل ماڻهن آن لائين انڊس سان ڳالهائيندي چيو ته هر عيد تي ڪپڙن، سينڊلن، چوڙين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي رهي ٿي، جنهنڪري اسان سٺي خريداري ڪري نٿا سگهون، بس عيد ملهائڻ لاءِ ڪجهه شيون خريد ڪريون ٿا.01