ذهني دٻاءُ الرجي جو سبب بڻجي ٿو: تحقيق

news

 حيدرآباد: آچر 10 جون 2018ع: جديد طبي تحقيق مطابق ذهني دٻاءُ جسم تي مختلف قسمن جي الرجي جو سبب بڻجي ٿو جيڪا دوائون کائڻ سان نه پر ذهني دٻاءُ گهٽ ٿيڻ سان ختم ٿئي ٿي.

ماهرن ان تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته  ذهني دٻاءُ جيڪڏهن گهڻي دير تائين برقرار رهي ته  ان سان نه رڳو دل جي بيماري پر ڪئنسر پڻ ٿي سگهي ٿو. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  حمل دوران جيڪي عورتون ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ٿينديون آهن، انهن وٽ پيدا ٿيل ٻارن ۾ پڻ الرجي جون علامتون واضح نظر اينديون آهن. ان تحقيق لاءِ اهڙن ماڻهن جو جائزو ورتو ويو جن کي هر سال چمڙي تي الرجي ٿي ويندي  هئي.

جائزي دوران اها ڳالهه پڌري ٿي ته جڏهن انهن جي ذهني دٻاءَ ۾ اضافو ٿيو ته انهن منجهه الرجي جون علامتون شديد ٿينديون ويون ۽ ذهني گهٽجڻ شرط اهي بالڪل صحتمند نظر آيا. ماهرن پتو لڳايو ته جڏهن ذهني دٻاءُ وڌي ٿو، جسم ۾ مدافعت واري سرشتي ۾ خلل پيدا ٿي وڃي ٿو، جنهن سان گهرڙا رد عمل ظاهر ڪندا آهن ۽ مختلف قسمن جي الرجي پيدا ٿي ويندي  آهي.