جنهن فيصلي کي ن ليگ سياست بڻائڻ چاهيو اهو سندن سياسي موت بڻجي ويو: شيخ رشيد

news

اسلام آباد: اربع 13 جون 2018ع: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ طرفان پنهنجي نااهلي لاءِ داخل ليگي اڳواڻ شڪيل اعواڻ جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ ردعمل ۾ چيو آهي ته جنهن فيصلي کي انهن سياسي بڻائڻ چاهيو اهو سندن سياسي موت بڻجي ويو آهي.

فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اڄ دنيا ۾ پاڪستاني ستا نه پر منهنجي لاءِ دعا ڪين.

مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته جنهن فيصلي کي انهن سياست بڻائڻ چاهيو اهو سندن سياسي موت بڻجي چڪو آهي.

ان سان گڏوگڏ هن چيو ته جيڪي منهنجي سياسي موت ڏسي رهيا هئا مان انهن جي سياسي حياتي ڏسڻ چاهيان ٿو.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف به فيصلو اچي ها ته مان قبول ڪريان ها، مان نواز شريف ناهيان.

ان سان گڏوگڏ هن 22 تاريخ تي لياقت ۾ تڪ اين اي 60 تي جلسو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.