سپريم ڪورٽ جي پرويز مشرف کي وطن واپسي لاءِ سڀاڻي تائين جي مهلت

news

لاهور: اربع 13 جون 2018ع: سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي وطن واپسي لاءِ سڀاڻي منجهند تائين جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو نه آيو ته ان جا نامزدگي ڪاغذ منظور نه ٿيڻ ڏنا ويندا.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پرويز مشرف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ان جو موڪل بغاوت جي ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته ان کي تحفظ جي ضمانت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف ته چوندو هو ته هو ڪيترائي ڀيرا موت مان بچيو پر خوف نه کاڌو، پرويز مشرف کي ڪهڙي ڳالهه جو تحفط گهرجي ڪهڙي خوف ۾ مبتلا آهي، هو ڪمانڊو آهي ته اچي ڏيکاري سياستدانن جيان مان اچان ٿو جو راڳ نه ڳائي، پهريان چئي چڪا آهيون ته پرويز مشرف وطن واپس اچي ان کي تحفظ ڏينداسين ۽ اسان لکي ضمانت ڏيڻ جا پابند ناهيون.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني، اها اجازت حڪومت طرفان ڏني وئي هئي، حڪومت ئي ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ فل بينچ جو فيصلو پرويز مشرف جي رستي جي رڪاوٽ آهي، جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ منهنجي غير موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو، پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ بحال ڪيا وڃن.

پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته ان جي موڪل کي رعشي جي بيماري آهي جنهن جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ ٿيڻو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هو ايئر ايمبولينس ۾ اچي وڃي اسان ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏينداسين.