دنيا جو خطرناڪ ترين رستو سياحن لاءِ ٻيهر کلي ويو

news

بيجنگ: اربع 13 جون 2018ع: چين جي جبلن ۾ تعمير ڪيل دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ترين رستي کي مرمت کانپوءِ ٻيهر سياحن لاءِ کوليو ويو.

چين ۾ وڏن جبلن تي تعمير ڪيل ان ڪيترائي سئو سال پراڻي فٽ پاٿ کي دنيا جو سڀ کان خطرناڪ ترين ستو چيو ويندو آهي.

چيني صوبي شانگزي جي وڏي جبل هووا ۾ مقامي ماڻهن ۽ پوري دنيا مان ايڊوينچر جي شوقين ماڻهن خاص طور تي جبلن جو رخ ڪندا آهن جتي آسان رستن بدران جبلن سان هڪ فٽ ويڪري ڪاٺ جي ان خطرناڪ ترين فٽ پاٿ کي پار ڪري سفر مڪمل ڪيو ويندو آهي.

سياح ان فٽ پاٿ کي پار ڪرڻ لاءِ لوهه جي زنجيرن جو سهارو وٺندي گهڻيون تصويرون به ڪڍندا آهن.