ميڪسيڪو ۾ هڪ ڊرون پنج سئو ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو

news

ميڪسيڪو: اربع 13 جون 2018ع: ڊرون ٽيڪنالاجي پنهنجي وڌندڙ افاديت ٻيهر ثابت ڪري ڇڏي ۽ صرف هڪ ڊرون 500 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي.

ميڪسيڪو جي شهر اينسيناڊا ۾ پوليس ايمرجنسي ڪال کانپوءِ ڊي جي آءِ ڊرون استعمال ڪندي نه صرف وارداتن تي قابو ڪيو پر ان مان ڪيترن ئي ڏوهارين جي گرفتاري جي دعويٰ به ڪئي آهي.

سٽي پوليس موجب صرف هڪ ڊي جي آءِ انسپائرون ڪواڊ ڪاپٽر سان ڏوهه ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ڇو ته ان علائقي ۾ گهرن ۾ چورين جون تمام گهڻيون وارداتون ٿينديون هيون جن جو گراف هاڻ گهٽ ٿي چڪو آهي.

ميڪسيڪو ۾ اينسيناڊا پوليس چيف جيسس راموس چيو آهي ته ڊرون سبب پوليس جي ردعمل جو وقت گهٽ ٿيو آهي ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ آساني ٿي آهي.

چئن مهينن تائين ڊرون روزانو 25 مشن انجام ڏنا ۽ اهي مشن 911 امدادي ڪالز جي جواب ۾ ڪيا ويا هئا.

جي پي ايس سان سلهاڙيل ان ڊرون جو سافٽ ويئر ڪيليفورنيا جي هڪ ڪمپني ٺاهيو آهي جيڪو پاڻمرادي انداز ۾ ڊرون کي اهڙي جاءَ تائين پهچائيندو آهي ۽ ان دوران پوري عمل جي وڊيو نشر ٿيندي رهندي آهي.

ميڪسيڪو پوليس موجب ڪيترائي ڀيرا ايئن ٿيو جو ڊرون صرف ڪجهه منٽن ۾ واردات واري جاءِ تي پهتو ۽ فرار ٿيندڙ جوابدار جي وڊيو سڌي سنئين نشر ڪدي ڇڏي جنهن کانپوءِ پوليس ان کي آساني سان ڳولي ورتو.