نور پاران ڌيءَ سان گڏ عمرو، عمران خان، بشريٰ ۽ اڳوڻي مڙس عون سان ملاقات

news

لاهور: اربع 13 جون 2018ع: فلم اسٽار نور جي عمري جي ادائيگي دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي سان ملاقات کانپوءِ اليڪٽرڪ ڪار ۾ گهمڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.

تفصيل موجب اداڪارا نور پنهنجي ڌيءَ فاطما سان گڏ هنن ڏينهن ۾ عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب ۾ آهي، جتي ان جي ملاقات پنهنجي مرشد بشريٰ بي بي، عمران خان ۽ اڳوڻي مڙس عون چوڌري سان ٿي. ان دوران جتي هن عمرو ادا ڪيو اتي ئي رسول جي روضي تي حاضري به ڏني، پر ان جي عون چوڌري سان پنجين شادي جون افواهون پهريان گردش ۾ هيون پر هاڻ سوشل ميڊيا تي منظرعام تي ايندڙ وڊيو جنهن ۾ نور بخاري، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان اليڪٽڪ ڪار ۾ ويٺل ڏٺي پئي وڃي، ڪجهه نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

گهڻن ماڻهن اهو سوال اٿاريو آهي ته ولي حامد علي خان کان طلاق وٺڻ کانپوءِ اڃان عدت هئي ۽ ان دوران نه هو نڪاح ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي گهر کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي، ان ۾ عمرو ڪرڻ ۽ پوءِ اڳوڻي مڙس اسن ملڻ ڪيئن ممڪن ٿيو؟

اهو ئي نه ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته فلم اسٽار نور شوبز جي دنيا کي الوداع چئي پنهنجي سموري توجهه مذهب طرف لاڙي ڇڏي هئي ۽ هوءَ سوشل ميڊيا جي ذريعي ماڻهن کي شرعي معاملن جي باري ۾ آگاهه به ڪندي ڏسڻ ۾ آئي هئي پر طلاق کانپوءِ عدت پوري نه ڪرڻ جي عمل اسان کي چڱو مايسو ڪيو.