پوري پي ايس ايل پاڪستان منتقل ڪرڻ جي تجويز رد

news

ڪراچي: اربع 13 جون 2018ع: پي ايس ايل مڪمل طور تي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي تجويز رد ٿي وئي جيتوڻيڪ 8 کان وڌيڪ ميچون ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

فرنچائز طرفان لاهور ۽ ملتان اسٽيڊيمز ۾ هوٽل تعمير ڪرڻ جي آڇ تي هڪ ڪميٽي غور ڪندي، ٻئي طرف پي سي بي فرنچائز طرفان ادائيگي نه ٿيڻ تي تنگ ٿي ويو، گذريل ڏينهن جي اجلاس ۾ هڪ ٽيم مڪمل ادائيگي جو چيڪ ڏنو پر ٻئين ڊيفالٽر ئي ر هي، ان تي ان کي 58 ڪلاڪن ۾ رقم ادا ڪرڻ يا معاهدو ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ڏئي.

تفصيل موجب پي ايس ايل فرنچائز ۽ پي سي بي اختيارين جو اهم اجلاس گذريل ڏينهن لاهور م ٿيو، ان موقعي تي يو اي اي ۾ ليگز جي ڀرمار سبب مڪمل پي ايس ايل پاڪستان منتقل ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آئي پر ان کي منظوري نه ملي سگهي، اختيارين جي خيال ۾ اڃان ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال اهڙي ناهي جو پرڏيهي رانديگرن کي مڪمل هڪ مهيني تائين هتي رکي سگهجي، ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه ٻي هوندي آهي.

ان کان علاوه انفرااسٽرڪچر جي به کوٽ آهي، جيتوڻيڪ 8 کان وڌيڪ ميچون هتي ڪرائي سگهجن ٿيون، ان موقعي تي فرنچائز پي سي بي کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن اختياريون اجازت ڏين ته هو گڏجي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۽ ملتان اسٽيڊيم ۾ 200 ڪمرن جي هوٽل ٺاهي ڇڏين، جنهن تي اهو معاملو غور لاءِ هڪ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، بورڊ اختيارين اهو به چيو ته جيڪڏهن حڪومت، سيڪيورٽي ايجنسيز ۽ سياسي تنظيمون مستقبل ۾ گڏجي چون ته مڪمل پي ايس ايل کي پاڪستان کڻي اچو ته اسان ايئن ڪنداسين.