بنگلاديش ۾ برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب چوڏنهن روهنگيا پناهگير فوت

news

ڍاڪا: اربع 13 جون 2018ع: بنگلاديش ۾ مسلسل برساتن سبب روهنگيا پناهگير ڪيمپن جي ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا.

بنگلاديشي ميڊيا موجب هڪ ڏينهن اڳ نانيار چار جي جابلو علائقي ۾ تيز برسات جي نتيجي ۾ مٽي جي ڇپ مهاجرن جي ڪيمپ جي ويجهو اچي ڪري هئي جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو تعداد هاڻ 14 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته اڃان تائين 25 ڄڻا گم آهن جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

ريسڪيو ادارا جي تنظامين موجب روهنگيا ڪيمپ کان علاوه بنگلاديش جي ٻين علائقن ۾ به تيز برسات ۽ طوفان وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي ۽ گذريل هڪ هفتي جي دوران پوري ملڪ ۾ مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿيا آهن، گهڻي قدر فوتگيون جابلو علائقن ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب ٿيون.