ساون پنن واريون ڀاڄيون دماغ لاءِ فائديمند قرار

news

بوسٽن: اربع 13 جون 2018ع: اها ڳالهه درست آهي ته عمر سان گڏوگڏ سماغي خليات گهٽ ٿيڻ لڳندا آهن ۽ انسان ويسر ۽ ٻين مرضن جو شڪار ٿي ويندو آهي، پوءِ الزائيمر، ڊيمنشيا ۽ پارڪنسن جي صورت ۾ اهي مرض وڌيڪ تباهي ڪندا آهن پر سائنسدانن جو اصرار آهي ته ساون پنن واريون ڀاڄيون ان نقصان جو ازالو ڪري سگهن ٿيون.

ان حوالي سان يونيورستي آف شڪاگو جي ماهرن هڪ مطالعو ڪيو آهي جنهن کي يادداشت ۽ عمر وڌندڙ منصوبي جو نالو ڏنو ويو هو. ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهندڙ ان سروي ۾ 960 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ۽ ان جي زندگي جي طريقي ۽ کاڌي تي غور ڪيو ويو. ان ۾ شريڪن کي روزانو اڌ ڪپ سلاد، اڌ ڪپ پالڪ ۽ ٻيون اهم ڀاڄيون کارايون ويون.

مطالعي ۾ شريڪ ماڻهن جي عمر 58 کان 99 سالن جي وچ ۾ هئي ۽ اهو مطالعو 5 سالن تائين جاري رهيو جنهن ۾ ڪيترين ئي جاين تي شريڪن کان سوال ڪيا ويا. ماهرن نوٽ ڪيو ته ساون پنن واريون ڀاڄيون کائڻ سان نه صرف انهن ۾ دماغي ۽ ذهني انحطاط سست ٿي پر انهن جي دماغي عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي وئي.