شاهپور چاڪر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل پورهيت فوت

news

شاهپورچاڪر: اربع 13 جون 2018:شاهپورچاڪر جي ڪامل شاهه ڪالوني ۾ بجري جي ڀريل ٽرڪ خالي ڪري صفائي لاءَ ٽرڪ جي اينگلار ۾ ٻڌل ٻوهارو لاهيندي مٿان گذرندڙ بجلي جي يارنهن هزار وولٽيج جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل 26 ورهين جو نوجوان پورهيت عمير ڪشميري زخمن جا سور نه سهندي نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

هوڏانهن فوتي پورهيت جو مڙھ شاهپورچاڪر جي ڪامل شاهه ڪالوني ۾ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.01