باجوڙ ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام

news

باجوڙ: اربع 13 جون 2018ع: باجوڙ ۾ خفيا دارن ۽ ايف سي جوانن خفيا اطلاع تي ڪارروائي ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

تفصيل موجب باجوڙ ۾ خفيا ادارن ۽ ايف سي جوانن پاران ماموند تعلقي جي ڳوٺ گبري ۾ خفيا اطلاع تي ڪارروائي جي دوران هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي آهي.

ايف ذريعن موجب خفيا ڪارروائي ۾ راڪيٽ لانچر، ريموٽ ڪنٽرول بم، دستي بم، بم ٺاهڻ جو سامان ۽ وڏي مقدار ۾ ڪارتوس ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.

ايف سي موجب هٿيار دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻا هئا، پڪڙيل ريموٽ ڪنٽرول بمن کي موقعي تي ناڪارا بڻايو ويو آهي.