نيب چيئرمين نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ مبينا بدعنواني جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: اربع 13 جون 2018ع: قومي احتساب بيورو جي چيئرمين نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ مبينا بدعنواني جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

7 جون تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ نندي پور پاور پراجيڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي جنهن ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نيب کي منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏنو هو.

رپورٽ موجب نندي پور پاور پراجيڪٽ گوجرانوالا کي آئوٽ سروس ڪرڻ ۾ مبينا بدعنواني جي معاملي تي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نيب طرفان جاري پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيب چيئرمين ڊائريڪٽر جنرل نيب لاهور کي ان حوالي سان جاچ جو حڪم ڏنو آهي.