ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي وزارت طلب

news

اسلام آباد: اربع 13 جون 2018ع: پاڪستان ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ۽ ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي مراسلو به ڏنو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي مراسلو به ڏنو ويو جنهن ۾ شهري جي شهادت تي احتجاج ڪيو ويو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب گذريل ڏينهن 12 جون تي ڀارتي فورسز طرفان ايل او سي تي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ چري ڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ سبب شهري محمد شڪيل شهيد ٿي ويو هو.